اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته برهان مظفرواني ڪشمير جي آزادي جي تح??يڪ جي هڪ نئين باب جو عنوان آهي، هڪ سال اڳ هن نوجوان جي شهادت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي رت سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو، ان سان اڄ پوري واديءَ ۾ روشني آهي. والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد جي ناليواري حريت نوجوان برهان مظفرواني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سندس شهادت ان حقيقت کي آخري درجي ۾ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير جو ٻچو ٻچو آزادي جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ڀارت جي غاصباڻي قبضي کي ??بول ڪرڻ جي لاءِ راضي نه آهي. هٿيا??ن جي زور تي قومن جي آزادي جي جذبي کي ??ٿو ڪچلي سگهجي. ڀارت کي اها حقيقت به سمجهڻ گهرجي ته تاريخ کي انڌو نه ٿو ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس