اسلام آباد – پهرين نومبر (ا?? پ?? پ??) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل باروئنگ گارنٽي جي حد وڌائڻ ۽ ڪڻڪ ??ي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1300 رپي?? في مڻ جي سطح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اي سي س?? پ?? آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل باروئنگ گارنٽي جي حد 13.585 ارب رپين تائين وڌائڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. شهيدن جي خاندانن کي رليف جي فراهمي لاءِ اي سي سي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪنڊ شيڊيول جي شق (6) پارٽي III ۽ شق (36A) پارٽ فور ۾ ”اينڊ شهيد فيملي ويلفيئر اڪائونٽ“ جا لفظ شامل ڪرڻ بابت تجويز جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪڻڪ جي فصل لاءِ سال 18 – 2017ع ??ي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت ??ذريل سال جي سطح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏني جيڪا 1300 رپي?? في مڻ آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ریل رش