بئنڪاڪ-05 آڪٽوبر(اي پي ??ي) سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ انساني آبادي جي پکيڙ ۾ وڌيڪ تيزي سا?? اضافو ٿي رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جون رينٽشلر جي سربراهي ۾ تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطرن وارن علائقن ۾ انساني آبادي ۾ اضافو 1985ع کانپوءِ محفوظ علائقن ۾ ان رجحان جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. جون رينٽشلر موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني وستين کي ماحولياتي تبديلي موجب بدلائڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ انساني آبادين جي امڪاني ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي امڪانن ۾ تيزي سا?? اضافو ڪري رهيا آهن. ان تحقيق ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل ٻوڏ جي نقشن سا?? گڏوگڏ عالمي سطح تي انساني آبادي جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ واري سيٽلائيٽس ذريعي گذريل 30 سا??ن دوران ورتل تصويرن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سا??هون آئي ته 2015ع تائين آبادي وارن سمورن علائقن مان 20 سيڪڙو علائقا وچولي يا وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن وارا هئا، جيڪي ٽي ڏهاڪا اڳ 17.9 سيڪڙو هئا، انساني آبادي وارن علائقن جو اهو تناسب تقريبن 76 هزار 400 ڪلوميٽر انساني آبادي جي برابر آهي جيڪو گريٽر لنڊن جي ڳاڻيٽي کان 48 ڀيرا وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب اهڙن علائقن ۾ اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جو خطو، خا?? طور تي چين سا?? گڏوگڏ ويٽنام ۽ بنگلاديش ۾ شهري واڌ وارا علائقا خا?? طور تي ذڪر جوڳا آهن. ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي خطرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گرم ماحول وڌيڪ گهم رکي ٿو، جنهن سا?? برسات امڪاني طور تي وڌيڪ طاقتور ٿيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ٻوڏ جا واقعا جيڪي هر 100 سا?? يا ان کان وڌيڪ جو امڪان سمجهيو ويندو هو هاڻي تيزي سا?? عام ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته آبادي جي رجحان کي سمجهڻ شهري آبادين جي پکيڙ جي حوالي سا?? پاليسين کي تبديل ڪرڻ جو پهريون قدم هجڻ گهرجي.
سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ آبادي جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری