اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آه?? ته ڀارت ملڪ جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلط?? ڪئي آه??. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي معاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چيو آه?? ته ڀارتي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلط?? ڪئي آه?? ته هن ڪنهن خومختيار ملڪ جي معاملن ۾ ان حد تائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگهي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. اسان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪينيڊا ڀارت سان پنهنجي قيمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي قتل کان پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آه?? ته ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورز?? ڪئي آه?? . هن چيو ته اسان ڀارت ک?? اڪسائڻ يا ان سان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آه?? ته مخالف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير ملڪي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کان اڳ ڪينيڊا جي پوليس الزام هنيو هو ته ڀارتي سفارتڪارن ڪرمنل نيٽ ورڪ سان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ڀارت ان جي ترديد ڪئي آه??.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania