اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اس??اق ڊار چيو آهي ته قومي مالياتي ايوارڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سوئس بئنڪن ۾ پاڪستانين جي اڪائونٽس جي معلومات جي حوالي سان 25 جون تي پاڪستان جي ٽيم سوئيٽزرلينڊ ويندي، عالمي ادارا پاڪستان کي سڌوسنئون سيڙپڪاري جي لاءِ ٻي محفوظ جاءِ قرار ڏئي رهيا آهن، چين پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه من??وبي جي لاءِ ملندڙ 46 ارب ڊالر مان 35 ارب ڊالر توانائي جي من??وبن تي هنيا ويندا. قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته قومي مالياتي ايوارڊ جو بجيٽ سان سڌوسنئون ڪو واسط?? نه آهي، اس??ن جي ڪوشش هوندي ته ان کي جلد مڪمل ڪريون، 18 هين ترميم تحت صوبن ڏانهن من??قل ٿيندڙ شعبن ۾ صوبا پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار