اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چائلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ وفاقي محتسب جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ٻارن جي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن تي ٻڌل فورم ٺاهڻ لاءِ تيار آهيان. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان وفاقي محتسب ۽ يونيسيف جي هڪ ??قر??ب کي خطاب ڪري رهيو هو. ??قر??ب ۾ وفاقي محتسب محمد سلمان فاروقي، نيشنل چلڊرن ڪمشنر اعجاز احمد قريشي، يونيسيف جي ساره ڪولمين ۽ انجيلا ڪيرني، نيشنل چلڊن ڪميٽي جي ميمبرن، صوبائي چلڊرن ڪمشنر، وفاقي محتسب جي آفيسرن، سول سوسائٽي ج?? اعليٰ شخصيتن، ٻارن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ اين جي اوز يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ ??رڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن