اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ه??ندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظو??ي ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدر??مد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا