اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊ??ئريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي ان موقعي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻي?? جرنلسٽ ۽ نا?? جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ??ري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊ??ئريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊ??ئريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.
قومي خابرو اداري ۾ مسيحي ورڪرن جي اعزاز ۾ ڪرسمس تقريب
مضمون کا ماخذ : números quina hoje