اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل ??نگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ت??اس?? جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 100 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ت??اس?? جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 67 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنجاب ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، ب??وچ??تان ۾ 1 هزار 96، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شام?? آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 98 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔