لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب ج?? گورنر چوڌري محمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري من??وبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پا??ليامينٽ ميمبرن سان رابطن ۽ پنجاب ج?? يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب ج?? گورنر چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پا??ليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پا??ليامينٽ ميمبرن سان م??مل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پا??ليامينٽ جو دورو پڻ ڪري رهيو آهيان جنهن جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب ج?? گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 من??وبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا من??وبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين م??مل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن من??وبن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن من??وبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب ج?? سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر م??مل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب ج?? يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب ج?? گورنر چوڌري محمد سرور کي پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي من??وبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج