اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪ??مي??ين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي وز??راعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪ??مي?? جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊ??ٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وز??ر سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪ??مي?? جي وز??راعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وز??ر جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وز??ر کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪ??مي??ين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪ??مي?? جي وز??راعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪ??مي?? جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪ??مي??ين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شا??ه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.