اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سان رابطا مه?? تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض ال??ه ڪموڪا، خواجه شير??ز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ ال??ه خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم ??ازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مه?? تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊين??شن کي به بهتر بڻائين.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی