اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏ?? وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏ?? وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏ?? وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پ?? بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هداي?? ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت