اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف مارگلا ايونيو منص??بي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ کا?? اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متبادل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کا?? سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان منص??بي تي 2 ارب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف ان منص??بي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان کا??سواءِ مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وز??را??ظم کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان منص??بي جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، ان منص??بي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪيو ويو جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻي جي مدي ۾ تبديلي آئي، ان رستي سان جي ٽي روڊ سنگجاڻي کا?? سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعم??را??ي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سان ان علائقي جا ماڻهو به فائدو کڻندا، ان رستي جي ڀرپاسي سي ڊي اي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وز??را??ظم کي ان منص??بي جو ماڊل پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری