لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پاڪستان ??يپ??ز پارٽي جي چيئرمين ??لا??ل ڀٽو ز??داري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نئون ديرو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي ??يپ??ز پارٽي جي جيالن اتي ??لا??ل ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ??لا??ل ڀٽو ز??داري چيو ته اڄ مان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪرن جيڪو ووٽ انهن جي طاقت آهي ان جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل سروس ب??د ٿيڻ سان پوري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پولنگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي فارم 45 لاءِ ويهندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پهچڻ ۾ دير ٿيندي جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿيندو. هن چيو ته موبائيل سروس ب??د ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿينديون، سيڪيورٽي جي لحاظ سان جمهوريت جي نالي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل سروس کي في الفور بحال ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڪستان جي عوام جو بنيادي آهي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان ??يپ??ز پارٽي ضروري ڪامياب ٿيندي. هوڏانهن ??لا??ل ڀٽو ز??داريءَ جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي ??لا??ل ڀٽو ز??داري لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي لڳايل پولنگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيالن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.
بلاول ڀٽو زرداري نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر