اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان ??سپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو ??قي?? ??يا??يندي ضرورتمند ماڻهن کي پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عبدالقدير خان ??سپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان ??ي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان ??ي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان ??در کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط استعمال ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير خان ??سپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران ??طين کي ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري پاران عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي هر ممڪن تعاون جي خاطري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری