اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 ??يڪ??و جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2024ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي سال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ان ۾ پاڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 ??يڪ??و جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 ??يڪ??و تا??ين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ پاڪستان لاءِ معاشي سڌارن جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي ??ضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي مسلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تا??ين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي ??ستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي ماليات کي ??ستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي ??ڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪا??يء?? کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تا??ين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.
پاڪستان ۾2025ع دوران مجموعي پيداوار 2.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável