اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ??ردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پارلياماني وفد ??ان گڏ ٽن ڏينهن جي دؤري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پارلياماني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو مقصد پاڪ- روس ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي دؤري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم شخصيتن ??ان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي م??ڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپيڪر ??ي سربراهي ۾ پارلياماني وف?? جو دؤرو ٻنهي م??ڪن وچ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفد جي دؤري ??ان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي م??ندي. پاڪستاني وفد روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پارلياماني وفد جي دؤري ??ان ٻنهي م??ڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي سطح تي انتهائي اهميت جي حامل سمجهيا وڃن ٿا.
قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ 3 ڏينهن جي دؤري تي روس روانو
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش