قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره مصر ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. عرب جمهوريه مصر جي ??وابازي واري وزير سامح ا??مد ا??خن??ي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي ??تيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سربراهن سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر ۾ ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات