مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي ??رب??اهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ۽ حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چ??و ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب ره??ا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چ??و ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري ره??ديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي ??رب??اه?? جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چ??و ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عملدار سيڪيورٽي پلان جي باقي ??رحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ