بيجنگ- 06 فيبروري (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ نميبيا جي نئين چونڊيل صدر ننگولومبومبا سان اڳوڻي صدر هيج گينگوب جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. چائنا گلوبل ٽي??ي ويزن نيٽ ورڪ مطابق هن گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت ۽ هيج گينگوب جي خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو. چيني صدر چيو ته نميبيا جي اڳوڻي صدر پنهنجي زندگي دوران چين ۽ نميبيا وچ ۾ سهڪار جي جامع اسٽريجٽگ شراڪتداري کي هٿي ڏني ۽ نميبيا ۽ آفريقا سان گڏ چين جي دوستي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چيني صدر چيو ته هيج گينگوب جي موت نه صرف نميبيا جي عوام ل??ءِ هڪ وڏو نقصان آه?? پر چيني عوام به هڪ سٺي دوست کان محروم ٿ?? ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر