اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبر ملڪن جي اڳواڻن کي خط لکيا آهن جن ۾ انهن تي زور ڀريو ويو آ??ي ته اهي ڀارتي حڪومت تي والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ??ٻا??ُ وجهن. پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه سومر ??ينهن هڪ بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??اب?? فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن چين، فرانس، روسي فيڊريشن، برطانيا ۽ آمريڪا جي ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن کي خط لکيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم