اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري روڊن جي تعمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، ??يشنل ها??ِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، ??نصوبابندي جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل روڊن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ۾ نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي روڊن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ??يانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان سکر روڊن تي اڳڀرائي جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي ترقي ۾ روڊن جو اهم ت??ين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري روڊن جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهت??ين روڊن جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوبن تي روزاني جي بن??اد تي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم پاران روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت