اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ??ڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ??اروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو ??ين?? 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وف?? سان ??الهائيندي ڪيو. وف?? چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وف?? سان ??الهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي ت?? ڌيان ??ئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ ک??ن وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ??الهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. وف?? صدرکي قومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وف?? کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.
سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena