اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي ??نهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي ??نگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي ل??نڊ جي ??رڏيهي وز??ر ننايا مهوٽا پنهنجي ??اڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي ??نهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي ??نگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وز??ر نيوزي ل??نڊ جي ??رڏيهي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي ل??نڊ جي ??رڏيهي وز??ر نيوزي ل??نڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي ??يادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وز??ر نيوزيل??نڊ جي ??رڏيهي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي ل??نڊ جي ??رڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيل??نڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وز??ر نيوزيل??نڊ جي ??رڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي ??اپسي جي ??ڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ نيوزي ل??نڊ جي ??چ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ??وجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال