اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀ??پو?? ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنانس بل ??ان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏي?? ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تي??ري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏي??و پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.
حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب