دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پ??چائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئنيما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لح??ظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم ا??ڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم ا??ڊسٽري تي ٽيڪسن جو خا??مو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پ??يلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان?? فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئنيما گهرن تي خا?? ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم ا??ڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم ا??ڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جت?? فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پ??يلين هيري وانگر آهي، هتي پيش ڪيون ويندڙ پاڪستان?? فلمون عالمي ڏسندڙن جي لاءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پ??هنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پ??هنجي سئنيما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستان?? فلمون پاڪستان پ??يلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پ??يلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا