اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??ي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??ي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪستان جي شموليت ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين ??ي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان جا شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وز??رت جي مجاز آفيسرن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم