اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي موذي مرض جو خا??مو ڪندا ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. پوليو جي خا??مي واري مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي وزيراعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي خطرن کي منهن ڏئي ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي خا??مي واري مهم جي شروعات ڪئي. صحت وارو وفاقي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارن کي معذوري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي 5 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين ۽ قوم جي معمارن جو مستقبل ٺاهين. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ پوليو جو خا??مو ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ به اهو مرض دم ٽوڙي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر سامهون آيا. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو خا??مو ڪندا ۽ ??ڏي?? بصيرت ۽ قوت کي استعمال ۾ آڻيندي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. وزيراعظم پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر قسم جي حالتن ۽ ڏکين علائقن ۾ سموريون ??ڪا??ٽون عبور ڪندي ٻارن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير، سمورن صوبائي حڪومتن بشمول ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا پڻ ٿورا مڃيا ته اهي پوليو جي خلاف مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ سمورن ادارن ۽ تنظيمن جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان ??ڏي?? ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ان مرض جو خا??مو ڪنداسين.
وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو ڪندا: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت