صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ??ن بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي ??والي سان حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 88 سيڪڙو متاثرين ۾ 25 هزار رپيا جي ??وڪ رقم ورهائي وئي آهي، گهرن جي نقصانن تي م??اوضي جي ??دائيگي جو ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو، علائقي ۾ بيٺل پاڻي فصل پوکيءَ جي لاءِ به استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جي ??وري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ماڊل اسڪول جي پي سي ون ٺاهي وئي آهي، اسڪول کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اهو اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ??جلي جا بل متاثرين کان نه ورتا ويا، 25 هزار رپين جي ??وڪ رقم جي لاءِ 3 هزار 900 کان وڌيڪ خاندانن جي ??جسٽريشن ڪئي وئي آهي، اهو عمل ٿورو سست آهي جنهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??ميوارن کي به هتي گهرايو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کان متاثر 5 ضلعن ۾ مشينري ڪم ڪري رهي آهي، وبائي م??ضن کي روڪڻ جي لاءِ اسپري ڪئي وئي آهي، 11 هزار 126 خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه فلڊ ريليف جو ڪم 88 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ جي ??والي سان معاوضي جي ورڇ جو ڪم آخري م??حلن ۾ آهي، ان جي لاءِ انگ اکر هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيا ويندا. وزيراعظم ان موقعي تي آبادگارن کي ٻج جي فراهمي جي ??والي سان آگاهه ڪيو ته ان جي لاءِ 16 ارب رپين جو پلان ٺاهي موڪليو ويو آهي، ان حوالي سان 25 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اجلاس رکيو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته متاثرين ۾ هڪ لک کان وڌيڪ خيما ورهايا ويا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صحبت پور جو علائقو بلوچستان ۾ ٻوڏ کان بري طرح متاثر ٿيو آهي، هتي هر طرف پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي ??طح گهٽ ٿي آهي پر اهو اڃا تائين موجود آهي. هن چيو ته متاثرين ۾ 25 هزار رپين جي ورڇ جو ڪم 86 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، 5 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، اهڙي طرح انهن علائقن جي م??اثرين کان 300 يونٽ تائين جي ??گسٽ ۽ سيپٽمبر جي ??جلي جا بل انهن کان نه پيا ورتا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻجن جي ورڇ جو ڪم صوبن سان گڏجي ??روع ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي ڳڻتي آهي، ڇو ته ان سان بيماريون پکڙجي ??گهن ٿيون جنهن سان وڏي پئماني تي نقصان جو خطرو آهي، ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ انتظام ڪيو وڃي، ان تي م??هر ويهي ۽ طئي ڪن جيڪڏهن اهڙي طرح پاڻي بيٺل رهيو ته ان سان تمام وڏو نقصان ٿيندو. اين ڊي ايم اي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان رابطو ڪري ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪري. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 5 فلٽريشن پلانٽ به پيئڻ جي ??اف پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايا ويا آهن. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي م??اثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پٽ فيڊر ڪينال جي مڪمل طور تي م??مت ڪئي وئي آهي، 3 هزار ايڪوا ٽيبليٽ ۽ 70 هزار مهاريُون ورهايون ويون. مليريا جي ??رح 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي ريليف ۽ خيمن جي ورڇ جي ??والي سان ڪنهن به قسم جي ??ڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم کي ڪمشنر ٻڌايو ته پٽ فيڊر ڪينال سان گڏ پاڻي ڪڍڻ جو نظام به موجود آهي، جنهن جي ??ريعي اهو بيٺل پاڻي ڪڍيو وڃي، جتي به گهارا پيا هئا، انهن کي بند ڪيو وڃي، ماڊل اسڪول جي ??ڳهه تان پاڻي ڪڍيو ويو آهي. وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته ان اسڪول جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم سان بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ بي اين پي جو اڳواڻ اختر مينگل به گڏ هئا.
ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک