جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذارين??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي نئين سر تع??ير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪن??و. ??زيراعظم ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪن??و. ??اڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تع??ير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ج?? فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏيندو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تع??ير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪن??و. ??زيراعظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ