اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ??يمبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو. هنن چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي ??عيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. آءِ ٽي جو شعبو تيز??ءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪر??رن ۽ ٽيڪسن جي ??سئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي ب??ائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائ??ءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوز??رن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي ??عيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي ??اءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي ب??هارڻ لاءِ ماض??ءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ها. ماض??ءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چور??ءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيز??ءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي ??يمت وڌڻ سان معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.
سينيٽ اجلاس: مختلف جماعتن سان تعلق رکندڙ ميمبرن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری