اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پي?? ڪري ٿي، جن شهرين جي ج??ن ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي جنگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي ان??ن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پي?? ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada