اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معيشت کي درپيش پراڻن چئلينجز جي حل جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل ضروري آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ??يڪ?? نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??يم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات حوصلي جوڳي رهي آهي، ??جسٽرڊ افغان پناهگيرن کي بيدخل نه پيو ڪيو وڃي، ??ول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري بهتر اسلوب حڪمراني کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. پي ٽي وي جي اينڪرز ۽ وي لاگرز کي پينل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نيويارڪ مان واپسي تي جهاز جي ري فيولنگ جي لاءِ فرانس ۾ رڪجڻو پيو، سوشل ميڊيا تي بي بنياد خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، تعميري تنقيد جي آجيان ڪريون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا جي هن دور ۾ الزام جو عنصر نمايان ٿي رهيو آهي جنهن کان اس??ن جي مذهب صديون اڳ روڪيو هو ??ن جو هاڻي اسان شڪار ٿي رهيا آهيون اها وڏي بيماري آهي جتي متاثر شخص کي وضاحت جو موقعو به نه ٿو ملي، ??ظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي غلط خبرون ڦهلائڻ افسوسناڪ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وچ اوڀر جي حوالي سان پاڪست??ن جو موقف واضح آهي ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، ??سان اسرائيل کي غاصب رياست ۽ فلسطين کي مظلوم سمجهون ٿا، اها ظالم ۽ مظلوم جي جنگ آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عالمي سطح تي ٻن رياستن جي تصور جو حل تجويز ڪيو ويو آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسرائيل ڄاڻايل حل کان انڪاري آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر ۾ ڏکائيون وڌي رهيون آهن ۽ اسلامي دنيا ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي ڪري بنياد پرستي جو عنصر نمايان ٿيندو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم طور ذميواريون ادا ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندو رهندو، ??ن جي لاءِ ضروري نه آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي جو عهديدار يا ڪنهن پارليامينٽ جو ميمبر هجان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم سندس پهريون اجلاس توانائي جي حوالي سان ٿيو، ان وقت جون ۽ جولاءِ جا 14 رپيا في يونٽ اضافي وجهڻا پيا، ان تي اس??ن جي مٿان تنقيد به ٿي پر اهو عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدي جو حصو هو، اسان ان سان ڳالهه به ڪئي، مون سان منسوب اهڙيون ڳالهيون به ڪيون ويون جيڪي مون نه چيون، ان حوالي سان ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ??ڏهن انرجي جي شعبي کي ويجهي کان ڏٺو ته ??ن جي مسئلن کان آگاهي ٿي، ??مام گهڻي مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، ??جلي چوري درپيش آهي، لائين لاسز سميت ٻين مسئلن کان آگاهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي مختصر دور ۾ چاهيون ٿا ته اسان هڪ اهڙو ماڊل ڏئي وڃون جو ايندڙ حڪومتون ان کي کڻي اڳتي وڌن، اسان 18 ارب رپين جي بجلي جون اوڳاڙيون ڪيون، مهانگائي جو بنيادي سبب بري ۽ ڪمزور حڪمراني هوندي آهي جنهن جو اثر ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي تي پوي ٿو جڏهن ته اشرافيه جو هڪ طبقو اهڙو به آهي ته جيڪڏهن بجلي جي قيمت ٻيڻي به ڪري ڇڏيون ته ان تي ڪو اثر نه ٿو پوي، ??وبن ڏانهن رهتن ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن رهتن جي وصولي ٿيڻ گهرجي، ماضي ۾ انتظامي معاملن تي ڌيان نه ڏيڻ سان مهانگائي، گردشي قرض ۽ اسمگلنگ جهڙا مسئلا پيدا ٿيا. چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪست??ن جو هوندو، ??ن جا لوازمات ۽ ضرورتون پوريون ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪم ڀرپور انداز ۾ ڪري رهي آهي، چونڊن جي تاريخ جو مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، ??سان آئيني طور تي ??ن جي معاونت جا پابند آهيون. هن چيو ته معيشت کي درپيش چئلينجز پراڻا آهن، اسان انهن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آئون پنهنجو ووٽ ان پارٽي کي ڏيندس جنهن وٽ معاشي بحالي جو منصوبو هوندو، پاڪست??ن جو بنيادي چئلينج معيشت جو آهي ??ن جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل گهرجي. هن چيو ته پاڪست??ن جا ٻه صوبا دهشتگردي جو تمام گهڻو شڪار آهن، رياست جي ذميواري آهي ته اها ??ن جو خاتمو ڪري، ??هشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن ??ن جي وڏي قيمت به ادا ڪئي، نان اسٽيٽ ??يڪ??رز جي ڪنٽرول ۾ ملڪ جو ڪو علائقو نه آهي، ??ن حوالي سان ??ن جي منصوبابندي ناڪام بڻائي وئي، ??فغانستان ۾ نيٽو ۽ اتحادي فوج جي موجودگي جي باوجود ڪيترائي علائقا هٿياربند جٿن جي ڪنٽرول ۾ هئا، اسان پرعزم آهيون ته اس??ن جون فورسز پنهنجي عزم سان دهشتگردي جو خاتمو ڪنديون، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارن کي فتح ڪرڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ ڪاميابي نه ٿي ڇو ته ويزن ۽ سالميت جي کوٽ آهي، ??سان کي سول ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ اس??ن جا دفاعي خرچ پوري خطي ۾ گهٽ آهن، افغان نيشنل آرمي جي لاءِ آمريڪا 100 ارب ڊالر خرچ ڪيا. هن چيو ته نگران حڪومت آئي پي پيز کي درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون جوڙي رهي آهي، چونڊيل حڪومتن کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي ها، اسان پنهنجون ترجيحون ٺاهيون آهن، ڊگهي مدي واريون تجويزون به ڏئي رهيا آهيون، قانوني مسودا به ٺاهي وينداسين، ٻاهريان قرض پروڊڪٽيو رخ ۾ لڳائڻ گهرجن، آمريڪا اسان کان وڌيڪ قرض وٺي ٿو پر هو ان کي پيداواري رخ ۾ لڳائي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پنهنجي ??يڪ?? نيٽ کي سگهه ڏيڻ ۽ ??يڪ?? ٽو جي ڊي پي وڌائڻ طرف وڃي رهيا آهيون، زراعت، وڪيلن، ڊاڪٽرن، نجي اسپتال ۽ ريٽيلرز کي ??يڪ?? نيٽ ۾ آڻڻ چاهيون ٿا، ان سان اس??ن جي معاشي صورتحال پاڻ ئي بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي، ??بادي جو رڳو 10 سيڪڙو ??يڪ?? ڏئي رهيو آهي. افغان پناهگيرن جي انهن جي وطن واپسي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان رجسٽرڊ پناهگيرن کي بيدخل نه ڪري رهيا آهيون پر اهڙن ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهيون جن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ جا ڪي قانوني دستاويز نه آهن. هن چيو ته نواز شريف جي حوالي سان قانون موجب فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته مينوفيڪچرنگ ۽ گهريلو استعمال جي شين جي ايل سيز تي ڪا پابندي نه آهي.
معيشت کي درپيش پراڻن چئلينجز جي حل جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل ضروري آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ