اسلام آباد ?? 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀ??ڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪ??تا?? سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪ??تا??، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ي شهدا??ِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪ??تا??ي سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پاڪ??تا?? خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون