ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪي?? جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا ??ل ڪري فائدو حاصل ڪري س??هج?? ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪبا?? ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مقامي مسئلا ??ل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.
جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ