دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي ش??بي جي ترقي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خي??لن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غزوان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي ش??بن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قي??م تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دو??ئن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دو??ان غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت ف??اه?? ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت ف??اه?? ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي سا??اه??و.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری