غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ??رڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪراسنگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ??اه?? کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ ??اءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ??اه?? ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلاعن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ڪراسنگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ ح??اس ٻنهي جنگ بندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪراسنگ تي ڦاٿل آهن. هي ڪراسنگ غزه مان ن??رڻ جو واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ??رڻ کانپوءِ رفح ڪراسنگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي رفح ڪراسنگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ ??اءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ??رڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر