نيويارڪ-23 نومبر (اي پي پي) آمريڪي اداري فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) نياگرافال ويجهو رين بو بوريج تي ڌماڪي جي جاچ مڪمل ڪندي ان کي ٽريفڪ حادثو قرار ڏنو آهي. روس جي خابرو اداري تاس م??جب بفيلو ۾ ايف بي آءِ جي آفيس طرفان اي??س تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ح??دثي واري جاءِ تان ڌماڪيدار مواد ناهي مليو ۽ نه ئي ان واقعي ۾ دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوب ناهي مليو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ مقامي پوليس جي حوالي ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ آمريڪي رياست نيويارڪ جي گورنر ڪيٿي هوچل چيو هو ته اربع ڏينهن نياگرافال ۾ آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سرحدي ڪراسنگ تي هڪ گاڏي ۾ ٿي?? ڌماڪي ۾ دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، ان ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا هئا. نيويارڪ جي گورنر م??جب ان واقعي ۾ هڪ مقامي ماڻهو ملوث هو تنهن هوندي به اڃان ت??ئي?? اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته هي ڪو حادثو هو يا ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو.
سرحدي ڪراسنگ تي ڌماڪي ۾ دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت ناهي مليو: گورنر نيويارڪ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان