ماسڪو-28 آگسٽ(اي پي پي) روس آمريڪا کي ٽئين عالمي جنگ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته اولهه، يوڪرين کي روس تي ميزائلن سان حملا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪري باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ اها جي ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها صرف يورپ تائين محدود نه رهندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو ته اولهه يوڪرين جي جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو ۽ اولهه پاران فراهم ڪيل هٿيارن جي استعمال تي پابندين کي نرم ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي درخواستن تي غور ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻي رهيو آهي. روس جي پرڏيهي وزير چيو ته هاڻي اسان هڪ ٻيو ڀيرو خبردار ڪري رهيا آهيون ??ه باه سان کيڏڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ت?? روس پنهنجي ايٽمي ڊاڪٽرائين کي واضح ڪري رهيو جيڪا اها آهي ته وڏي پئماني تي ايٽمي يا وڏي پيماني تي تباهي پکيڙندڙ ٻ??ن هٿيارن يا روائتي هٿيارن جو استعمال ڪندي حملي جي جواب طور تي روسي صدر ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ تي غور ڪندو. يوڪرين 6 آگسٽ کي روس جي اولهه ڪناري ڪ??سڪ تي حملو ڪيو، جنهن تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ت?? روس طرفان ان حملي جو مناسب جواب ڏنو وينود. يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي هلندڙ مهيني جي شروع ۾ چيو هو ت?? روس جي علائقي ڪ??سڪ تي حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ت?? روس جي جوابي ڪ??رروائي جون ڌمڪيون ??الي ڌمڪيون ??هن.
ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها رڳو يورپ تائين محدود نه رهندي: روس
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ