اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادب?? و??ث?? و??ري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ??ه وڏو عوامي مينڊيٽ رکندڙ چونڊيل وزيراعظم جي هڪ عدالتي فرمان ذريعي رخصتي گذريل سال جو سڀ کان وڏو سانحو آهي، 70 سالن کان هلندڙ روايت جو 2017ع ۾ به جاري رهڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي جي پروگرام پيش رفت ۾ ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اٽڪل 2 درجن وزيراعظمن مان ڪنهن هڪ کي به پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. سبب مختلف هئا، پر نتيجو هڪ ئي نڪتو. نواز شريف کي هڪ ڀيرو صدارتي حڪمنامي، ٻيو ڀيرو مارشل لا ۽ ٽيون ??يرو هڪ عدالتي فيصلي ذريعي معزول ڪ??و ويو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن