اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سموريون پارلياماني پارٽيون قومي ۽ سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن، اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان ملڪ جو وقار مجروح نه ٿئي ۽ ڳالهين جو عمل به جاري ره??، ان جي لاءِ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاعي ادارن کي گهرائي متفقه بيانو ج??ڙيو ويندو. پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو ج??هن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري ??زير خرم دستگير خان، موسمياتي تبديلين واري وف??قي وزير سينيٽر مشاهد الله خان، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وف??قي وزير اڪرم خا?? دراني، وزيراعظم جو خصوصي مددگار بئريسٽر ظفر الله، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، قومي سلامتي واري صلاحڪار جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سموريون پارلياماني پارٽيون قومي سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش