اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪر?? ڇڏي آهي، انهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي س??سل?? ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي ??ان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي ??ان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪر?? شفافيت جي حوالي ??ان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪر?? رهي آهي. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ باب?? هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي ??ان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم