اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام س??ن فيصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر اسد عمر، صنعت وارو وفاقي وز??ر محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪ??ر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز