اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم عم??ان خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو آه?? ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آه??، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آه??، اسان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آه??، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آه?? جنهن پوري دنيا کي پ??هنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آه??.
وزيراعظم عم??ان خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀار??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پا??ان بدترين رياستي جبر در??يش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام ??يش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.