ڪوئ??ٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جي??ري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صل??حيت ڏسي حيران ره??ي ويس، رانديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صل??حيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئ??ٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئ??ٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته بلوچستان ??ي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ??اران عورتن ??ي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بلوچستان ??ي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.
عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي: صدر
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز