اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناه?? ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن، ڊجيٽ?? ميڊيا ونگ جي رپورٽ ۾ ڪنهن کي رياست مخالف ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر سياسي پ??رٽين کي پنهنجي پوليٽڪل ونگز ناهن هونديون جيڪي مختلف اشوز ??و مطالعو ڪري پنهنجي ليڊرشپ کي اصل معاملو سمجهائي سگهن، رانا ثناءُ الله، خرم دستگير شاهد خاقان عباسي جهڙا ٽيڪنالاجي کان اڻڄاڻ ماڻهن جي تبصري مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايتري معلومات ناهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پ??يس ڪانفرنس کل جوڳي هئي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پ??يس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽ?? ميڊيا ونگ پنهنجي رپورٽ ۾ سوش?? ميڊيا تي شروع ڪيل 150 ٽرينڊز جو ڊيٽا فراهم ڪيو آهي، ان ٽرينڊز تي 37 لک ٽوئيٽس ڪيون ويون ۽ سوش?? ميڊيا بيانيو جوڙيو ويو، ان بياني ۾ هندستان ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي ماڻهن حصو ورتو. هن چيو ته هندستان بوٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پ??ڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪيا. چوڌري فواد حسين چيو ته ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي اندر رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته هن وقت سينڪشن پاڪستان جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، هاڻي ان ٽرينڊ ۾ حصو وٺي ڪو ان جي مخالفت ڪر?? ته ان جو مطلب اهو ناه?? ته اهو رياست مخالف سرگرمي آهي. وفاقي وزير چيو ت?? پي ٽي ايم جي ميڊيا ونگ رياست مخالف سرگرمي جي طور تي رياست مخالف ٽرينڊز ۾ حصو ورتو، ان باري ۾ ڊيٽا رپورٽ شامل آهي، پاڪستان جي عوام ان جو تجزيو ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته اصل معاملو اهو آه?? ته پاڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪٿان کان ٿي رهيا آهن، هن چيو ت?? پي ايم ايل اين جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناه?? ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن جيڪي ان طرح جي رپورٽس جو تجزيو ڪري کين ٻڌائي سگهن ته رپورٽ اصل ۾ آهي ڇا، هن چيو ته جنهن کي ڊجيٽ?? ميڊيا جي سمجهه ناهي، اهي اسان جي ڊجيٽ?? ميڊيا ونگ سان رابطو ڪري سگهن ٿا، انهن جي رهنمائي لاءِ هڪ سيل جوڙيو ويو آهي جتي انهن کي سمجهايو ويندو ته ڊجيٽ?? ميڊيا ڇا آهي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن