اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين، 27 مارچ تي تاريخي جلسو ٿيندو، اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ جي بينچ جي خلاف مهم جي مذمت ڪريون ٿا، بار ايسوسيئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي ??ڌڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ سوشل ميڊيا تي ان بينچ جي خلاف مهم شروع ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسان کي سپريم ڪورٽ تي ??ڪمل اعتماد آهي، ام??د آهي ته معاملا آئين ۽ قانون موجب اڳتي ??ڌندا. چوڌري فواد حسين چ??و ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حيثيت سان ذاتي طور تي ??نهنجا سپريم ڪورٽ بار جي باڊي تي سخت خدشا آهن، هن چ??و ته سپريم ڪورٽ بار سمورن ماڻهن کان ووٽ وٺي منتخب ٿيندي آهي، بار ايسوسئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ اڳتي ??ڌڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چ??و ته پوري دنيا ۾ بار ايسوسيئيشن سياسي معاملن تي ??اڻ کي مٿانهون رکندي ڪردار ادا ڪندي آهي پر هتي بار ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان جوڙي ورتو آهي، هن چ??و ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي باڊي ۾ هڪ ٻن ماڻهن سپريم ڪورٽ بار کي يرغمال بنائي رهيو آهي،انهي رويي جي ڪري لاهور بار ۾ ان گروپ کي شڪست به ٿي. هن چ??و ته وڪيل بار ايسوسيئيشن جي موجوده قيادت سان نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان تي ??ڌيڪ آواز اٿندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جو سڄو ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آهي، 27 مارچ تي ??ي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو ٿيندو، شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي هئي ان کي ختم اسان ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سپريم ڪورٽ جلسن جي حوالي سان فيصلي ۾ واضح گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، مخالف ڌر جلسي جي اڃان تائين درخواست ناهي ڏني، ڪالهه مخالف ڌر پنهنجو پروگرام به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته مخالف ڌر جلسو نه ڪندي، 27 مارچ تي صرف پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيندو، هڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چيو ته اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، اتحادين جي سپورٽ به انهي سرپرائيز جو حصو آهي جنهن جو ذڪر وزيراعظم ڪالهه اربع تي ڪيو آهي.
شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری