اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي عوامي مجرم آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان تماشو ڪري ۽ ڪوڙ ڳالهائي عوام تي جيڪو ظلم ڪيو، ان جي جواب ??ان هو ڀڄي نٿو سگهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو چارٽ به شيئر ڪيو، ان چارٽ موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 روپين ??ان وڌي 2022ع ۾ 189 روپيا ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو ??ان گهٽجي 4 سيڪڙو (امڪاني)، مهانگائي 39. سيڪڙو ??ان وڌي 13 سيڪڙو، غذائي مهانگائي 2.3 سيڪڙو ??ان وڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 روپين مان وڌي 1100 روپيا، کنڊ في ڪلو 53 روپين مان وڌي 90 روپيا، گيهه في ڪلو 151 روپين مان وڌي 470 روپيا، بجلي في يونٽ 11 روپين مان وڌي 25 روپيا، گئس 600 روپيا ايم ايم بي ٽي يو مان وڌي 1400 روپيا ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 روپين ??ان وڌي 1918 روپيا (3 هزار تائين به وڪرو ٿي)، مالي خسارو 2260 ارب روپين مان وڌي 5600 ارب روپيا (امڪاني)، واپاري خسارو 30.9 ارب ڊالر مان وڌي 43 ارب ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو ??ان گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع ??ان وٺي 2018ع تائين 24953 ارب روپين مان وڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ارب روپيا، بيروزگارن جو تعداد 35 لک ??ان وڌي 95 لک ٿي ويو جنهن ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسيپشن انڊيڪس رينڪنگ 117 ??ان وڌي 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير ??ان هيٺ ماڻهن جي تعداد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.
عمران خان معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي عوامي مجرم آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا