لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??طي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي. والاريل ڪشمير ?? امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ??رٽيڪ?? 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قر??ردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي والاريل ڪشمير ?? طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀارت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته ??هي ياسين ملڪ سميت ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪن.
خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت